خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه: سيد محمد ڪامل ولد قبول محمد شاهه 1874ع ڌاري جنم ورتو. سندس ڏاڏي سيد محمد سعيد شاهه هنڱورجن جي ڳوٺ ويجھو مٽياري مان لڏي ٽنڊي محمد خان شهر کان پنج ميل پري پنهنجو ڳوٺ ’سعيدپورٻڌي ويٺو. سيد محمد ڪامل شاهه شروعاتي تعليم مڪاني طرح حاصل ڪئي. پارسي مولوي محمد ابراهيم قريشي وٽ پڙهيو. سندس پيءُ جي وفات کانپوءِ سمورو ڪاروبار پاڻ سنڀاليائين. هن پنهنجي لياقت ۽ لڳ لاڳاپي جي ڪري علائقي ۾ وڏو اثر پيدا ڪيو، جنهن جي بطور کيس ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ۽ گھڻي عرصي تائين عام ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن نون سڌارن موجب 1921ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ليجسليٽو ڪائونسل تي وڌيڪ عيوضي مليا، تڏهن انهيءَ سال کان سيد ڪامل شاهه زميندارن ۽ جاگيردارن جي تڪ مان ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1936ع تائين ميمبر رهيو. بمبئي ڪائونسل تي سنڌ طرفان چونڊيل ميمبرن ۾ هن جي وڏي عزت هئي. سيد محمد ڪامل شاهه ٽنڊي محمد خان سب ڊويزن جي زميندارن ۽ آبادگارن جي جماعت جو ڪيترائي سال صدر رهيو. 1934ع ۾ خدمتن عيوض کيس ’خانبهادر‘ جو لقب مليو. سر غلام حسين ۽ نور محمد وڪيل سندس ئي مدد سان چونڊيا. هن ٻه شاديون ڪيون. پاڻ 29 اپريل 1937ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.29  عيسوي

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه 29 اپريل 1937ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان محمد بروهي 1
پريٽي زنٽا
پارپتي ماڙيچاڻي
الهه بچايو کوسو
دهلوي شاهه غلام محمد
پير غلام مجدد سرهندي مولانا
شاهه رخ خان
شاهه قاسم بيگلار1
جمعو خان غريب
ضميرالدين احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون